رضـوي سيــد زوار حسين شاهه

رضـوي سيــد زوار حسين شاهه

رضوي سيد زوار حسين شاهه

رضـوي، سيــد زوار حسين شاهه: سنڌ جو نامور شاعر سـيـد زوار حسين شاهه ’زوار‘ رضوي، روهڙيءَ جي رضوي ڪوٽائي سيدن مان هو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنهنجي ڪتاب ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سيد زوار حسين شاهه ’زوار‘ ابن سيد عـبــدالـحسين شــاهـه 8 ذوالـقـعـــد 1343هه/ 31 مـئـي 1925ع تـي ميــر يعقوب علي شاهه جي ڪوٽ جي ڀرسان ’سراءِ‘ (ديهه مير شاهنواز شاهه) ۾ پيدا ٿيو. سندس سلسله نسب هن ريت آهي: سيد زوار حسين شاهه بن سيد عبدالحسين شاهه بن سيد محراب علي بن همت علي بن غلام حسين بن سيد يعقوب علي ثاني بن مير صادق علي بن نواب سيد مير يعقوب علي رضوي بن مير ميران ثاني بن سيد يعقوب بن ابو اسحاق بن ابوالخير بن ٻڍل بن نعمت الله بن رڪن الدين بن سعدالدين بن مير ميران اول بن خلق الصدق بن تاج الدين بن صدرالدين بن محمد خطيب بن سيد محمد مڪي بن محمد شجاع بن سيد ابراهيم بن قاسم بن زيد بن جعفر اصغر بن حمزه بن هارون بن عقيل بن اسماعيل بن جعفر ثاني بن امام علي نقي عليه السلام بن امام محمد تقيعه بن امام علي رضاعه بن امام موسيٰ ڪاظمعه بن امام جعفر صادق عه بن امام محمد باقرعه بن امام زين العابدينعه بن امام حسينعه بن حضرت امام علي المرتضيٰ عليه السلام.“
سيد زوار حسين شاهه ابتدائي تعليم روهڙي شهر مان ئي حاصل ڪئي. هي وڏو عالم، فاضل ۽ خطيب هو. سنڌ کانسواءِ پنجاب ۽ ٻين هنڌن به وڃي خطابت ڪندو هو، جنهنڪري هي ڏاڍو مشهور ٿيو. سندس اعليٰ مذهبي خدمتن جي عيوض، پنجاب جي عالمن، شاعرن ۽ خطيبن کيس ’ضيغمِ سنڌ‘ جو لقب ڏنو هو. سيد زوار حسين سنڌي ٻوليءَ جو معياري نثر نويس ۽ اعليٰ درجي جو شاعر به هو. شاعريءَ ۾ هن مرثيي، نوحي، سلام، قصيدي، منقبت، غزل ۽ ڪافيءَ جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. علمي، ادبي ۽ مذهبي شخصيت هئڻ ڪري وٽس ڪيترن ناياب ڪتابن جو ذخيرو هو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ سندس ڀائٽيي سيد ڪوثر عباس شاهه رضويءَ وٽ محفوظ آهي. سيد زوار حسين شاهه، 14 ربيع الثاني 1398هه/ 14 مارچ 1978ع تي وفات ڪئي. کيس سندس اباڻي امام بارگاههبارگاهه نجف‘ جي صحن ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قلمي پورهئي جو تفصيل هن ريت آهي:
’نسخهء راه ثواب‘: هن ۾ زوار حسين شاهه جو ڪلام مناجات، حمد، نعت، قصيدا، منقبت، ٽيهه اکري، سلام، نوحا، غزل، ڪافيون ۽ لاڏا شامل آهن، جيڪو سيد ڪوثر عباس رضويءَ جي ڪوشش سان 2010ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن کي ترتيب ٽنڊي آغا جي ميرزا فتح علي بيگ ڏنو آهي.
حقيقي بنتِ رسول في رد قرة العين الرسول (ٻه جلد): هي ڪتاب 1966ع ۾ پنجتني اماميه پريس، حيدرآباد مان شايع ٿي چڪو آهي.
تابوت: تابوت حضرت امام حسين عليه السلام بابت هي ڪتاب 1969ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
علي ولي الله: هي ڪتاب 1971ع ۾ پنجتني اماميه پريس مان شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.05.31  عيسوي

سنڌ جو نامور شاعر سـيـد زوار حسين شاهه ’زوار‘ رضوي، روهڙيءَ جي رضوي ڪوٽائي سيدن مان هو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنهنجي ڪتاب ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سيد زوار حسين شاهه ’زوار‘ ابن سيد عـبــدالـحسين شــاهـه 8 ذوالـقـعـــد 1343هه/ 31 مـئـي 1925ع تـي ميــر يعقوب علي شاهه جي ڪوٽ جي ڀرسان ’سراءِ‘ (ديهه مير شاهنواز شاهه) ۾ پيدا ٿيو.


1978.03.14  عيسوي

سيد زوار حسين شاهه، 14 ربيع الثاني 1398هه/ 14 مارچ 1978ع تي وفات ڪئي. کيس سندس اباڻي امام بارگاهه ’بارگاهه نجف‘ جي صحن ۾ دفن ڪيو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد بيگ اسد مرزا
زيدي مصطفيٰ
پياسي نظر چانڊيو
عبداللطيف قيصر
سڪايل نواب شاهه
استاد بخاري
اعجازالحق قدوسي
تبسم عبدالغفار ڀٽي
خالدي علي محمد
راڄڙ سرفراز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون